جهولڻو (صنف)

جهولڻو (صنف): ڏکڻ هندستان جي ’تامل‘ ٻوليءَ جي لوڪ شاعريءَ جي هڪ صنف ’اوشل‘ جي معنيٰ ’جهولڻو‘ آهي. اتي ڪيترين ذاتين ۾، شادي رات جو نه پر ڏينهن جو ٿيندي آهي، شاديءَ جي موقعي تي جُهولي/جو بندوبست ڪيو ويندو آهي. جنهن ۾ گهوٽ ڪنوار لُڏندا آهن، ان وقت جيڪي گيت ڳاتا ويندا آهن. تن کي ’اوشل‘ چوندا آهن. دکن جي صوفي شاعرن ان رسم مان فائدو وٺي، ان دؤر جي قديم اردوءَ ۾ ان قسم جا گيت لکڻ شروع ڪيا ۽ انهن کي ’جهولڻو‘ سڏيو. دکن جو پهريون جهولڻو شاهه علي جيو گام ڌني (وفات 973هه/1565ع) نالي شاعر چيو هو.
پنجاب ۾ سڀ کان اڳ ’جُهولڻا‘ قادري بزرگ داتا گنج بخش جا ملن ٿا، سنڌ ۾ هن صنف کي سچل سرمست سنڌيءَ ۾، ۽ روحل فقير هنديءَ ۾ پنهنجي انداز سان آندو آهي. سچل سرمست جي جهولڻن (بيتن ۽ ڪافين تي مشتمل) ۾ وڇوڙي جا ورلاپ ملن ٿا، جن ۾محبوب سان ملڻ جي تانگهه ۽ طلب ڏيکاريل آهي. روحل فقير جي هندي ۽ سرائڪي جهولڻي ۽ سچل سرمست جي سنڌي جهولڻي ۾ فرق آهي. روحل جي جهولڻي ۾ اڪثر چار سٽون ٿين ٿيون، جيڪي وزن ۾ عام بيت کان وڏيون ٿين ٿيون. جڏهن ته سچل سرمست جي جهولڻي جو هر بند گهڻو ڪري اٺن ۽ نون سٽن جا آهن. جن ۾ آخري سٽ وراڻيءَ جي آهي. سچل جي رسالي ۾ ’سسئي پنهون‘ جي سُر ۾ لڳاتار 50 جهولڻا ملن آهن، هنن جهولڻن جون اڪثر سٽون پاڻ ۾ هم وزن ۽ هم قافيا آهن، پر وراڻيءَ واري سٽ مختلف آهي، ڪيترن جهولڻن جي پهرين سٽ ’چئي ڙي‘: لفظن سان شروع ٿئي ٿي، جيڪي جهولڻي جي صنف ۾ مڪالمي بازيءَ جو روپ پيش ڪن ٿا. سچل سرمست جي جهولڻي جو سٽاءُ بيت ۽ ڪافيءَ جي سنگم وارو آهي. جن جا مثال هيٺ پيش ڪجن ٿا:
اَيَل، اَڻُ مُلهيِ جا آهي
سا ڪيئن سَگَ سڄڻ سان ساهي،
ٻيو تا ٺاهه نه هرگز ٺاهي،
ڏاڍن ساڻُ شَريڪتَ ناهي،
جا پَئي سڀ لاڳاپا لاهي،
ڇَپَر ڇوهه آڳيانئُس ڇاهي،
ڪيچن ڪَڍَ اُها مَرُ ڪَاهي،
کڻندي گام ته پُڄندي ڪاهي:
محض اُنهيءَ کي مِيرُ نه ماري.
چئي ڙي، رَهَه رَوِين ٿِي روڙي،
آڏو ڀِينگ ٻُجهي ٿي ڀوڙي،
هيبَت هول هراست هوڙي،
ڪامِڻ ناهِين اسان کي ڪوڙي،
تُون تَنهن ديس مَ وَڃج ڊوڙي
پَرڏيهيءَ جي پُٺِ مَ پؤ ڙي،
ٿَرَ ۾ ترسَ اَٿئي ٿَڪَ ٿوڙي:
هِتِ تا ڪانَه گهڙَي هِڪ گهاري.
(رسالو سچل سرمست- مرتب عثمان علي انصاري 2007ع، ص 237)


هن صفحي کي شيئر ڪريو